سومرو زبير

سومرو زبير

زبير سومرو

زبير سومرو: شڪارپور جي مشهور سومرو خاندان مان پاڪستان جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ وفاقي وزير الاهي بخش جو فرزند زبير سومرو پاڪستان بينڪس ائسوسيئيشن جو چيئرمئن ۽ سٽي بئنڪ پاڪستان جو ڪيترا سال CEO رهيو. هي 1948ع ۾ ڄائو. هن لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس مان گرئجوئيشن (1970ع) ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس (1976ع) ڪئي. زبير سومرو، عراق، شام، اردن، سعودي عرب ۾ سٽي بئنڪ جو علائقائي سربراهه رهڻ سان گڏوگڏ برطانيا، ترڪي، ايسٽ افريقا ۾ به اهم عهدن تي رهي چڪو آهي. 1997ع ۾ هو يونائيٽيڊ بينڪ جو پاڪستان ۾ چيئرمئن بڻيو، جتي ان وقت 1800 شاخن ۾ 22000 کان وڌيڪ ملازم سندس ماتحت ڪم ڪندڙ هئا. هو پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن کانسواءِ آمريڪي بزنس ڪائونسل (2002- 2001ع) جو صدر، لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (LUMS) جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر ۽ نيشنل مئنيجمينٽ آف ايجوڪيشن فائونڊيشن جو گورنر، ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو چيئرمئن رهيو آهي. 2008ع ۾ سٽي بينڪ مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پاڻ پنهنجي مالياتي صلاحڪار ۽ اداري ’حڪمه ڪنسلٽنگ‘ جو چيئرمئن ۽ CEO آهي. حڪومت سميت وڏا وڏا مالياتي ادارا کانئس صلاحڪار طور مالي معاملن ۾ صلاح وٺندا آهن. هو ڪيترن فلاحي ادارن سان پڻ لاڳاپيل آهي، جيڪي تعليم، صحت ۽ صاف پاڻيءَ وغيره جي ڏس ۾ سماجي ڀلائيءَ جون رٿائون عمل ۾ آڻيندا آهن. 2008ع کان هو گورنر بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جوڙيل مائيڪرو فنانسنگ فورس سان به لاڳاپيل آهي. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو